اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات ضمير عباس قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ??ن اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽر نيوز/ ڊيجيٽل مي??يا شاهد سليم ۽ ڊائريڪٽر اردو سروس عبدالجب??ر ذڪريا سميت مختلف شعبن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جن سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي معاملن، خبرن جي تياري، پهچ سميت اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت آگاهه ڪيو. گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي آپريشنز ۽ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل مي??يا جي لاءِ معياري خبرن جي تياري ۽ پهچ ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي جي اس??عمال بابت ٻڌايو ويو. هن انگلش رپورٽنگ، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، اردو سروس، چائنيز سروس، فارن ڊيسڪ، اڪنامڪ ڊيسڪ ۽ ڊيجيٽل مي??يا سروس سميت اي پي پي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو. ضمير عباس حڪومتي ??اليسين کي اجاگر ڪرڻ ۽ نيوز ايجنسي طور هر قسم جي خبرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ اداري جي حيثيت سان اي پي پي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڊپارٽمينٽ گلگت بلتستان شمس الرحمان پڻ ساڻس گڏ هو.
گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات ضمير عباس جو اي پي پي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil