اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ??ندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ نه ??نو ويندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گڏجڻو پوندو، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به دعوت ڏني آهي. وزيراعظم پنهنجي مختلف ٽوئيٽس ۾ چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ ملٽري قيادت پاڪستان جي عوام جي جان ۽ م??ل جي هر قيمت تي تحفظ جو وچن ورجايو آهي. هن چيو ته جيڪي به معصوم ماڻهن تي حملا ڪن ٿا انهن کي انصاف جي ڪ??هڙ?? ۾ آندو ويندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي ٻيهر ڪَر کڻڻ نه ??نو ويندو. هن چيو ته گڏجاڻي ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاق ۽ صوبا هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندا. جڏهن ته نيسنل ايڪشن پلان تي به غور ويچار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته جاچ فرانزڪ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي سگهارو ب??ائ?? جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ميڊيا مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ م??ڻهن ۾ عوامي راءِ جوڙين. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ??ندي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ اداراتي مڪينزم ٺاهيو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم ان کانسواءِ چيو ته مون ملڪي مفادن جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو سوچيو آهي ان جي لاءِ 7 فيبروري تي اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ مون عمران خان کي پڻ دعوت ڏني آهي ڇو ته ملڪي مفادن جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ پنهنجا ذاتي اختلاف وسارڻا پوندا.
دهشتگردي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گڏجڻو پوندو، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به دعوت ڏني آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria estadual