جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چي?? آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ??اڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان ??هت?? آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ٽن سالن جي مدي ۾ 16.3 ارب ڊالر جي امداد گهربل هوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان ??دد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ??يندڙ تباهي جو پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو، تازي ٻوڏ سان ??اڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿ???? آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ??يندڙ تباهي جا منظر ڏسي دل ٽٽي وئي، ٻوڏ سان 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿ??ا، مشڪل حالت ۾ به پاڪستانين جو جذبو ڏسي حيران ??ي ويس. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ??اڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان ??هت?? آهي، پاڪستان جي عوام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلي جو مظاهرو ڪي?? آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پاڪستان ??رگز نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻ?? آهي. پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان ??تاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب دوران ??وڏ کان ??تاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو.
تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آهي: انتونيو گوتيرس
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina