پشاور – 03 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽ جا اسلام آباد نتيجا وزيراعظم عمران خان جي خدشن ۽ گذريل ڏينهن جي وڊيو جي عڪاسي ڪن ٿا، خيبرپختونخواهه اسيمبلي پي ٽي آءِ جي سمورن اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي وزيراعظم عمران خان جي نظريي سان گ?? بيٺل آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جي ا??يدوارن سان دوکو ڪيو آهي، هاڻي ا??هن جي وچ ۾ مفادن جي جنگ شروع ٿي چڪي آهي. هو پشاور ۾ سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻن سان گ?? صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چ??و ته آئون ۽ منهنجا 9 سينيٽرز خيبرپختونخواهه مان ڪامياب ٿيا آهيون، اسان صوبي جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته اسلام آباد مان سينيٽ چونڊن ۾ کٽيندڙ شخص جو ڪهڙو ڪردار آهي پوري قوم ان بابت ڄاڻي ٿي، پي ڊي ا??م جي صورت ۾ سياهه قوتن پورو زور لڳائ??ند?? ڦرلٽ جي خزاني جا منهن کولي ??ڏيا. هن چ??و ته خيبرپختونخواهه ۾ ضميرن جا سوداگر بري طرح ناڪام ٿيا آهن، هتي ا??هن جو نه پئسو هليو نه ڪو ٻيو حربو ڪامياب ٿي سگهيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته عدم اعتماد جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اهي ڪهڙي منهن سان اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته اسلام آباد جي جنرل سيٽ تي ا??يڪشن جي نتيجن، ضايع ٿيندڙ ووٽن ۽ منظرعام تي ا??ندڙ وڊيو بابت مشاورت جاري آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي وڊيو کي بطور ثبوت اليڪشن ڪميشن ۾ کڻي وئي هئي، اڄ جا نتيجا ان وڊيو جي عڪاسي ۽ تائيد ڪري رهيا آهن، اسان مشاورت سان هڪ ٺوس حڪمت عملي ذريعي اڳتي وڌنداسين. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان جا ووٽن جي خريد ۽ وڪري بابت خدشا صحيح ثابت ٿيا آهن. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته خيبرپختونخواهه ۾ جتي اسان جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن اتي اسان جي ا??يدوارن کي ٻين پارٽين جي ا??م پي ا??ز جا ووٽ به مليا آهن.
سينيٽ جا اسلام آباد نتيجا وزيراعظم عمران خان جي خدشن ۽ گذريل ڏينهن جي وڊيو جي عڪاسي ڪن ٿا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena