ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر مه??داياپا ابي وردانا ۽ سريلنڪا جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نمل راجا پاڪسي مانجهاندو ڏنو. وزيراعظم عمران خان کي اسپورٽس مين جي حيثيت سان خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سريلنڪا جي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ رانديگرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان کي راندين واري وزير پ??را?? اعليٰ معيار جي اسپورٽس ڪمپليڪس جي تجويز به پيش ڪئي وئي جيڪو وزيراعظم عمران خان جي نالي تي ٺاهيو ويندو. تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان جي ڪرڪيٽ ??يريئر جي حوالي سان دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان جي ڪرڪيٽ جي زماني جي سريلنڪن رانديگرن پ??را?? کيس خراج تحسين پيش به ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان پنهنجي اعزاز ۾ منعقد ان تقريب جي منتظمين جا ٿورا مڃيا ۽ اسپورٽس مين جي حيثيت سان پنهنجي يادن جو ذڪ?? ڪيو. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ جي ذريعي هن مقابلو ڪرڻ سکيو ۽ پنهنجي انهن صلاحيتن جي ڪري هو هڪ سياسي پارٽي جي قيادت ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم بڻجڻ جي قابل ٿيو. وزيراعظم يونيورسٽي گريجوئيٽ جي حيثيت سان پنهنجي سريلنڪا جي دوري جو به ذڪ?? ڪيو، هن پاڪستان ۾ ٿيندڙ مئچ ۾ سريلنڪا جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي جو ذڪ?? ڪندي ان کي فخر جوڳو قرار ڏنو ۽ ٽيم جي ڪپتان ارجنا رانا ٽنگا سميت ٽيم جي رانديگرن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر پاران مانجهاندو ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان