اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪ??رو??ا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ضروري شين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم تي سخت ڪارروائي ڪندي، ڪنهن کي موجوده صورتحال مان غيرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ فڪر معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انتهائي نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون دستياب آهن جڏ??ن ته متوقع حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن، ڪ??رو??ا هڪ قومي مسئلو آهي ان حوالي سان سمورا في??لا اتفاق راءِ سان ڪيا ويا آهن، انهن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ڪ??رو??ا جي صورتحال ۽ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪ??رو??ا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بلڪل نئين آهي، ??ن جي لاءِ دنيا جي ڪا حڪومت به تيار نه هئي، اسان 13 مارچ کان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪ??رو??ا جا 26 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.
حڪومت ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea