مالي – 25 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ مالديپ جي ص??ر عبدالله يامين عبدالقيوم وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون. مالي ۾ صدارتي آفيس مالي ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران وزيراعظم جي ??عا??نت پرڏيهي ??عا??لن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز، سينيٽر پرويز رشيد، پاڪستان ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي ??ئن??جنگ ڊائريڪٽر، وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جي صدر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عزت ۽ احترام ۽ حقن جي تحفظ تي قائم آهن. وزيراعظم چيو ته سياحت، واپاري فروغ، اعليٰ تعليم ۽ انساني وسيلن جي شعبن ۾ صلاحيت جي حوالي سان گڏيل مفادن جي ڪيترين ئي ياداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اقتصادي تعاون جي اهميت تي خاص طور تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم ۽ مالديپ جي صدر جون وفدن جي سطح تي ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز