سرگوڌا – 19 مئي (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بي??يسٽر محسن شاهنواز رانجه?? چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪندو، ??لڀوشن ياديو بيگناهه پاڪستانين جي قتل ۾ ملوث آهي، اهو پاڪستان جي سلامتي جو معاملو آهي، ڀارت انصاف جي عالمي عدالت ۾ ويانا ڪنوينشن جي خلاف ورزين جي الزامن سان پاڻ ئي بي نقاب ٿي ويو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ رياستي دهشتگردي تان دنيا جو ڌيان هٽا??ڻ جي لاءِ ڪلڀوشن جي معاملي کي انساني معاملو بڻائي پيش ڪرڻ چاهي ٿو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي اهم ترجيح قومي سلامتي آهي ۽ قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري ??گهجي، اهو رڳو عبوري فيصلو آهي ۽ ان سان ڪنهن جي شڪست يا فتح بابت نه ٿو چئي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب