بيجنگ-06 نومبر (اي پي پي) چين چيو آه?? ته عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي. چيني خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بين پريس ڪانفرنس ۾ فلس??ين اسرائيل جنگ سان جنم وٺندڙ انساني الميي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو آه?? ته موجوده جنگ ۾ 11 هزار ??ان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آه??. عالمي برادريءَ کي اهڙي طرح جي سانحن جو تسلسل روڪڻ گهرجي. ترجمان نشاندهي ڪئي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هاڻوڪي خصوصي اجلاس ڳري اڪثريت سان هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن مطابق ڌُرين قانون مطابق فوري تي جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو، بين الاقوامي انساني قانون مطابق عام شهرين، شهري ٺڪاڻن ۽ افرادي عملي ۽ ٺڪاڻن جو احترام ۽ تحفظ ڪيو وڃي ۽ ٻه رياستي حل جي عزم کي ورجايو وڃي. هي عالمي برادري جي مضبوط آواز جي عڪاسي ڪري ٿو. وانگ وين بين چيو ته سلامتي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين ملڪ جي حيثيت سان چين فلس??ين ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو ۽ تڪرار ۾ ٽياڪڙي، ڇِڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ فلس??ين مسئلي کي ٻه رياستي حل جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ عالمي برادريءَ سان گڏجي ڪم ڪندو.
عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي: چين
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔