مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي سربراهه شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف هلندڙ سال حج سيزن دوران سيڪيو??ٽي ۽ فوج?? عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. عرب نيوز موجب مڪي ۾ حج سيڪيو??ٽي ڪميٽي ۽ حج سيڪيو??ٽي فورسز جي اڳواڻن سان ملاقات دوران شهزاد عبدلعزيز چيو ته سيڪيو??ٽي پلان جا لاڳو ڪيل مرحلا ڪامياب رهيا آهن ۽ حج پانڌيئڙن کي مڪي تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو آهي. هن وزارت جي سيڪيورٽ?? عملدارن ۽ نيشنل گارڊ واري وزارت، دفاع واري وزارت، جنرل انٽيليجنس پريذيڊنسي ۽ پريذيڊنسي آف اسٽيٽ سيڪيورٽي جي فوج?? عملدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سيڪيو??ٽي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري رهنديون جيستائين حج پانڌيئڙا آساني ۽ سڪون سان پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ??طن واپس نٿا هليا وڃن. پبلڪ سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ۽ حج سيڪيو??ٽي ڪميٽي جي سربراهه جنرل محمد البسامي حج سيڪيو??ٽي پلان جي نتيجن جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن حج سيزن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن سيڪيو??ٽي ۽ عسڪر?? عملدار سيڪيو??ٽي پلان جي باقي مرحلن ت?? عملدرآمد لاءِ تيار آهن. اهڙي طرح حاجي سڳورن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو.
حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ