اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ۽ جمهوريت متحرڪ آهي، ڪيڊٽ ڪاليج ??سن ابدال نظم ۽ ضبط جو اعليٰ مثال آهي، هتي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ملڪ جي مستقبل جي سياسي، عسڪري، صنعتي سمي?? هر شعبي جي قيادت آهن، ڪالي?? مان پاس ٿيندڙ شاگرد نه رڳو پاڪستان پر دنيا ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ابدالين صرف هڪ لفظ نه پر هڪ برانڊ جو نالو بڻجي چڪو آهي، هن کي دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ڪيڊٽ ڪاليج ??سن ابدال اعليٰ روايتن جو معيار رکندڙ آهن، هو ڪيڊٽ ڪاليج ??سن ابدال ۾ والدين جي ڏهاڙي جي سالياني تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم