گڏيل قومون – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چ??و آهي ته اسان هاڻي ڪ??هن جي ل??ءِ وڌيڪ قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ ل??ءِ تيار نه آهيون، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻا پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ آهن ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون سرحد جي ٻئي پاسي کان ڪيون وڃن ٿيون، ڀارت پاڪستان جي خلاف محدود جنگ جي ڊاڪٽرائين تي عمل ڪيو ته کيس ڀرپور ۽ ان جهڙو جواب ڏنو ويندو، ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? تي عملدرآمد ل??ءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل ل??ءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ ل??ءِ جدوجهد ڪندڙ معصوم عوام تي ظلمن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چ??و ته ڀارت ڪشميرين کي دٻائڻ ل??ءِ طاقت جو انڌاڌند ۽ هروڀرو استعمال ڪري رهيو آهي، عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي هروڀرو نشانو بڻايو پيو وڃي، هزارن جي تعداد ۾ معصوم ڪشميري ماريا ۽ زخمي ڪ??ا ويا آهن
ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں