لاهور – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستاني قوم، هٿياربند فوج ۽ خاص طور تي پاڪ بحريه قومي سلامتي کي درپي?? هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي پر ان جي باوجود ضروري آهي ته خطي ۾ جوهري پکيڙ، روا??تي بحري قوت ۾ اضافي جي لاءِ وڏي پيماني تي ڪيل سيڙپڪاري، متع??رف ٿيندڙ روزاني نئين ٽيڪنالاجي ۽ ا??ڙي طرح جي ٻين روا??تي ۽ غير روا??تي چئلينجن کان آگاهي ۽ ا??هن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري منصوبابندي ۽ ڀرپور صلاحيت حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. صدر اها ڳالهه لاهور ۾ پاڪستان نيوي وار ڪاليج جي اهتمام هيٺ منعقد ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي جنهن ?? چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله، ڪمانڊنٽ پاڪستان نيوي وار ڪاليج ريئر ايڊمرل معظم به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : کڑک