اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جاگرافيائي بيهڪ سبب پاڪستان ۽ اومان فطري اتحادي آ??ن، ڪراچي، گوادر ۽ مسق?? جي وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ جي تجويز خوش آئنده آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي نئين باب جو آغاز ٿيندو، هي سروس انهن هنڌن تي باقاعدگي سان سفر ڪندڙ ماڻهن جي وڏي تعداد جي لاءِ اچ وچ جو سستو ۽ متبادل ذريعو فراهم ڪندي. هن ??ها ڳالهه اومان جي ??سٽ??ٽ ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر يحيٰ محفوظ سليم سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراع??م چيو ته پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ قيادت سلطان قابوس بن سيد السيد ۽ اومان جي ڀائر عوام جو بي حد احترام ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔