گڏيل قومون-12 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي ٻُڌايو آهي ته غزه ۾ جاري جنگ سلامتي ڪائونسل جي پنهنجني پنجن مستقل م??مبرن وچ ۾ ورهاست سبب تڪرارن کي اثرائتي طريقي سان حل ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، مستقل سيٽن جي انگ ۾ واڌ سان سلامتي ڪائونسل تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪم ٿي سگهي ٿي، غزه جنگبندي ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ اهو هاڻ کان وڌيڪ واضح ٿي ويو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي تڪرارن ۽ امن ۽ سلامتي کي لاحق خطرن جو اثرائتو جواب ڏيڻ ۾ ناڪاميءَ جو بنيادي ڪارڻ ان جي مستقل م??مبرن ڪ??هن فيصله ڪن ڪارراوئيءَ تي متفق نه ٿيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم 193 ميمبر اسيمبلي سالياني بحث ۾ ڪيو. هن چيو ته هاڻ اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته توسيع ٿيل سلامتي ڪائونسل ۾ نئين مستقل م??مبرن کي شامل ڪرڻ سان سندس ناڪاميءَ جي امڪنن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي ويندي. منير اڪرم چيو ته ڪيترن ئي ٻين ميمبر ملڪن وانگر پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي مستقل سيٽن ۾ واڌ جي ڪ??هن به تجويز خلاف آهي. گڏيل قومن اندر استحقاق جي نون مرڪزن جي قيام جو ڪو جواز ناهي. سندس چوڻ هو ته جنرل اسيمبلي ۽ـ سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تي بين الحڪومتي ڳالهيون فيبروري 2009ع ۾ شروع ٿيون هيون ج??هن جو مقصد گڏيل قومن کي وڌيڪ مؤثر، نمائنده ۽ جوابده بڻائڻ هو پر اهو دي?? جو شڪار آهن. سفير چيو ته آءِ جي اين جو عمل پنج اهم شعبن بابت آهي جن ۾ رڪنيت جو زمرو، ويٽو جو سوال، علائقائي نمائندگي، توسيع ٿيل سلامتي ڪائونسل جو ڪاٿو ۽ ڪائونسل جي ڪم ڪرڻ جي طريقي ۽ جنرل اسيمبليءَ سان ان جا لاڳاپا شامل آهن. گڏيل قومن جي سڌارن واري عمل جي حصي طور ڪائونسل کي وسعت ڏيڻ تي هڪ عام معاهدي باوجود ميمبر ملڪ تفصيلن تي ورهايل آهن. هن جو چوڻ هو ته جي-4 ملڪن (جيڪي ڪائونسل ۾ پنهنجي لاءِ مستقل سيٽون چاهين ٿا) ا??هن ڪائونسل ۾ مستقل سيٽن کي وڌائي 10 ڪرڻ لاءِ پنهنجي مهم ۾ ڪابه لچڪ ناهي ڏيکاري. ٻئي پاسي اٽلي ۽ پاڪستان جي قيادت ۾ اتفاق راءِ بابت اتحاد (يو ايف سي) گروپ (جيڪو اضافي مستقل م??مبرن جي سخت سان مخالفت ڪري ٿو) ان ميمبرن جي هڪ نئين ڪيٽيگري تجويز ڪئي آهي جيڪي مستقل م??مبر نه هوندا. چونڊيل سلامتي ڪائونسل ان وقت پنج مستقل م??مبرن (برطانيه، چين، فرانس، روس، آمريڪا) ۽ 10 غير مستقل م??مبرن تي ٻَڌل آهن جيڪي ٻن سالن لاءِ چونڊبا آهن. منير اڪرم چيو ته اسيمبليءَ جي موجوده اجلاس ۾ ڳالهين دوران هم آهنگي وڌي وئي هئي ۽ 5 اهم ڪلسٽرز ۾ اختلاف گهٽ ٿي ويو هو، جڏهن ته هر ڪلسٽر اندر ڪيترن ئي اهم مسئلن تي اختلاف با??ي آهي. هن چيو ته ٻن سالن جي غير مستقل سيٽن جو انگ وڌائڻ تي اتفاق ٿيو پر نَون مستقل م??مبرن جي جوڙجڪ تي ڪوبه اتفاق نه ٿيو. هن چيو ته ا??هن مباحثن ۾ صرف ٻه نه پر رڪنيت جا ڪيترائي زمرا شامل هئا جن ۾ 2 سال جي غير مستقل سيٽون، ڊگهي مُدي جون غير مستقل سيٽون، ٻيهر چونڊ جوڳيون غير مستقل سيٽون، علائقن جي نمائندگي ڪندڙ مستقل سيٽون ۽ ويٽو سان يا ان کان سواءِ مستقل م??مبرشپ شامل آهي. هن چيو ته ويٽو جي معاونت تي تجويزون هيون جن ۾ ا??هن جي پابندي، معطلي يا توسيع ۽ ان جي التوا جي شق به شامل هئي. هن چيو ته هڪ اُڀرندڙ اتفاق راءِ آهي ته علائقائي نقطه نظر سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جي معاهدي لاءِ بهترين امڪان پيش ڪري ٿو. علائقائي نمائندگي بابت هن چيو ته آفريقا سان گڏوگڏ ايشيا، لاطيني آمريڪا، ننڍن ٻيٽن جي اُسرندڙ ملڪن، عرب گروپ ۽ اسلامي تعاون تنظيم سان ٿيل تاريخي ناانصافيءَ جو ازالو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته يو ايف سي طرفان 11-12 نَون غير مستقل م??مبرن کي شامل ڪرڻ جي تجويز ننڍي ۽ وچولي رياستن جي اڪثريت کي وڌيڪ نمائندگي فراهم ڪندي جن مان 59 سلامتي ڪائونسل ۾ ڪڏهن به خدمتون انجام ناهن ڏنيون. هن جو چوڻ هو ته مساوات سان جاگرافيائي سياسي نمائندگيءَ کي يقيني بنائڻ کان علاوه غير مستقل م??مبرن جو هڪ وڏو انگ 5 مستقل م??مبرن جي غير معمولي اثر رسوخ کي متوازن، احتساب کي يقيني ۽ ڪائونسل جي جمهوريت کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. ٻئي پاسي 6 يا 4 نَون مستقل م??مبرن جي اضافي سان باقي 182 ميمبر ملڪن جي نمائندگي جا امڪان انگن اکرن مطابق ??هٽ هوندا.
غزه جنگ سلامتي ڪائونسل جي ناڪاميءَ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، مستقل سيٽون وڌائڻ سان تڪرارن جو حل مشڪل ٿي ويندو: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی