گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل طرفان فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) تي پابندي لڳائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته عالمي ذميوارين جي پابندي ڪري . پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي ) کي مليل حقن ۽ ڇوٽ واري ح??ثي?? جو احترام ڪري. عالمي اداري چي?? ته سمورين ڌرين کي گهرجي ته اهي يو اين آر دبليو اي کي ان جي مينڊيٽ مطابق سمورن لاڳاپيل علائقن ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ڇ?? ته اها رليف ايجنسي جنگ سٽيل غزه ۾ انس??ني بنيادن تي ڪم جي حوالي سان ڪرنگهي جي ح??ثي?? رکي ٿي . سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته ڪو به ٻيو ادارو انس??ني بنيادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ يو اين آر ڊبليو اي جي متبادل نٿو ٿي سگهي . يو اين آر ڊبليو اي جو پناهگيرن جي مدد لاءِ مينڊيٽ ۽ ان جي اهليت سڀني ادارن تي حاوي آهي . ان اداري جي امداد زندگين کي بچائيندڙ آهي . واضح رهي ته يو اين آر ڊبليو غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ بي گهر فلسطينين جي انس??ني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم ادارو آهي.
سلامتي ڪائونسل پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري تي اسرائيلي پابندي جي قدم تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب