گڏيل قومون – 08 جنوري (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته غزه تي حملن جي شروعات کان اسرائيل جي هٿياربند فوج هن وقت تائين 94 اسپتالن ۽ 76 ايمبولينسن تي 294 حملا ڪري چڪي آهي ۽ انهن حملن جي نتيجي ۾ اٽڪل 600 ماڻهو مارجي ويا آ??ن. ٽي آر ٽي مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 22 ڊسمبر تي ڪيل غزه ۾ امدادي ڪاروائين لاءِ پهچ ڏيڻ بابت فيصلي جي پهرين رپورٽ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان رپورٽ ۾ چيو آهي ته جنگ سبب م??اث?? غزه جي رهائشين جي امداد تائين پهچ لاءِ جنگ جو بند ٿيڻ ضروري آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج غزه جي وڌيڪ آبادي وارن حصن ۾ وسيع علائقي کي م??اث?? ڪندڙ تباهي پکيڙيندڙ هٿيار استعمال ڪيا آ??ن جنهن سبب علائقي جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رهائشي گهر يا ته م??اث?? ٿيا آ??ن يا پوءِ ڊهي ويا آ??ن.
اسرائيلي فوج هن وقت تائين 94 اسپتالن ۽ 76 ايمبولينسن تي 294 حملا ڪري چڪي آهي: ڊبليو ايڇ او
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز