واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا سيپٽم??ر ۾ يوڪريني پائليٽس کي ايف -16 جنگي جهازن جي سکيا فراهم ڪندو. چيني خابرو ??اري موجب آمريڪي دفاع واري کاتي گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته آمريڪا ٻن ڏکڻ رياستن ۾ آمريڪي ايئر فورس جي اڏن تي سيپٽم??ر ۾ يوڪريني پائليٽس کي ايف – 16 جنگي جهازن جي سکيا فراهم ڪرڻ شروع ڪندو، پينٽاگان جي پريس سيڪريٽري پيٽرڪ ريڊر پريس بريفنگ دوران چيو ته رياست ٽيڪساس ۾ لاڪ لينڊ ايئر فورس بيس تي ڪ??ترن ئي پائليٽس ?? درجنين ٽيڪنيشنز کي سيپٽم??ر ۾ انگلش زبان ۾ ڪلاسن سان گڏ سکيا فراهم ڪندي ويندي، ٽرينيز کي زبان جي ضروري مهارتن کي سمجهڻ کانپوءِ کين آڪٽو??ر ۾ رياست ايريزونا ۾ مورس ايئر نيشنل گارڊ بيس کان ايف -16 جهازن جي حوالي سان سکيا فراهم ڪئي ويندي، هن چيو ته ايف – 16 لاءِ نون پائليٽس کي سکيا لاءِ 8 مهينا ۽ هڪ تجربيڪار پائليٽ جي اپ گريڊ ٽريننگ لاءِ 5 مهينن جو وقت گهربل هوندو آهي، يوڪرين کي ايف -16 جي ترسيل محفوظ ٽائيم لائن ٻڌائڻ کانسواءِ هن چيو ته ان ۾ مهينا لڳي سگهن ٿا، هن چيو ته يورپي ملڪ يوڪرين کي جهاز فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهن ۽ آمريڪا ان ۾ سهولتڪاري ڪ??دو.
آمريڪا پاران سيپٽمبر ۾ يوڪريني پائلٽس کي ايف – 16 جنگي جهازن جي سکيا فراهم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea