بيجنگ-08 آگسٽ (اي پي پي) چين چيو آهي ته هو برڪس ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حقيقي قدمن جو خواهشمند آهي. روس جي خابرو اداري مطابق چين جي واپار واري وزير برڪس ملڪن جي واپار ۽ اقتصادي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ چيو ته چين برڪس وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي. چين عالمي ترقيءَ ۾ مناسب حصو وِجهڻ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو. هن برڪس ملڪن تي زور ڀ??يو ته اهي اُڀرندڙ منڊين ۾ هم آهنگيءَ کي مضبوط بڻا??ين ۽ ڊجيٽلائيزيشن ۽ ماحولياتي ترقي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. هن زور ڀ??يو ته عالمي معيشت جي بحاليءَ لاءِ برڪس جي ڪوششن ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ اتفاق راءِ جي بنياد تي ڊگ??ي مدي جي سهڪار جي فارميٽس جو دفاع ڪرڻ ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار