اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سامونڊي الودگي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سامونڊي ماحولياتي نظام ۽ سامونڊي علائقن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سامونڊي آلودگي پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ڇو ته اها آبي حيات کي منفي طور تي متاثر ڪري ر??ي آهي ۽ ان سان ماهيگيري جي شعبي جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي ٿي ر??ي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ اي?? او) جي پاڪستان جي دوري تي آيل سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊيومنگيوز ويلاسڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. صدر آءِ اي?? او جي سيڪريٽري جنرل جي آجيان ڪندي چيو ته بليو اڪانومي تي ڌيان ڏيڻ پاڪستان جي ترقياتي حڪمت عملي جو اهم جز آهي ڇو ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبن کي جديد بڻائڻ جو خ??اهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اث??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي ر??يو آهي، پاڪستان پنهنجي سامونڊي ماحولياتي نظام کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هو آءِ اي?? او جي مدد ۽ مهارت جي آجيان ڪندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي اث??ن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سنڌ ۾ هڪ ملين ايڪڙ تي تمر جا ٻيلا هنيا آهن، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽ وڪرو ڪيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 20 لک ايڪڙ زمين تي تمر جا ٻيلا هڻڻ جو منصوبو جاري آهي. صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اث??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي ر??يو آهي، پاڪستان سامونڊي ماحولياتي نظام جي بهتري جي لاءِ آءِ اي?? او جي مدد جي آجيان ڪندو. هن چيو ته بليو اڪانومي تي ڌيان ڏيڻ پاڪستان جي ترقياتي حڪمت عملي جو اهم جز آهي، پاڪستان ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبن کي جديد بڻائڻ جو خ??اهشمند آهي. صدر آءِ اي?? او جي ضابطن ۽ معيارن تي عمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان آءِ اي?? او سان مختلف شعبن ۾ تعاون جو خ??اهشمند آهي. ان موقعي تي انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ اي?? او) جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته آءِ اي?? او پائيدار ۽ موثر سامونڊي انڊسٽري جي فروغ ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. صدر موثر ريگيوليٽري فريم ورڪ جو مشن اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو.
سامونڊي آلودگي پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha