اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير سينيٽر اع??م نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا ڪ??س سامهون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ايندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو وي?? آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جي سهولت آهي ۽ ڪٽس وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پاڪستان مڪمل محفوظ آهي. ڪالهه سينيٽ ??جلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايڇ او جڏهن منڪي پاڪس بابت ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته وزيراعظم سمورين ڌُرين جي اجلاس جي صدارت ڪري بريفنگ ورتي. ايئرپورٽس تي انٽرنيشنل فلائٽس جي اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو وي?? آهي، هاڻ تائين 5 ڪ??س سامهون آيا آهن جيڪي پُراڻي قسم جا آهن ان مان ٻن مريضن کي آئسولي??ن ۾ رکيو وي?? آهي. هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي انگ اکر جمع ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته هيءَ ڦهلجندڙ بيماري آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جو نظام ۽ ڪٽس وڏي انگ ۾ موجود آهي، جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو ڪ??س سامهون آيو ته پوءِ ٽيسٽ کانپوءِ ان کي آئسولي??ن ۾ موڪليو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽر ۽ وسيلا موجود آهن ۽ هن وقت اسان منڪي پاڪس کان محفوظ آهيون.
منڪي پاڪس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ايندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری