اسلام آباد – 24 – جو??ائ?? (اي پي پي) دولت م??ترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان حڪومت جي دعوت تي 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دولت م??ترڪه جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري دوران پاڪستان جي قيادت، ڪابينا جي م??مبرن، يوٿ ليڊرز، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون ڪندي. بيان موجب دولت م??ترڪه جي سيڪريٽري جنرل جيڪا موسمياتي تبديلي جي م??في اثرن کي م??هن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي حمايت لاءِ پرزور حمايتي رهي آهي، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي م??قعي تي پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪ جو ٽي ڀاڱي حصو ٻوڙي ڇڏيو هو جڏهن ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ جي ٻوڏ متاثر ٿيندڙ ڪجهه ع??ائ??ن جي دوري جو پڻ امڪان آهي. دولت م??ترڪه جي سيڪريٽري جنرل جي دوري دوران ڌريون پاڪستان ۽ دولت م??ترڪه جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جي قومي ترقياتي م??صوبي جي حمايت، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. دولت م??ترڪه ۽ پاڪستان پاران 24 – 2023ع تي ”نوجوانن جو سال“ قرار ڏيڻ کانپوءِ دولت م??ترڪه جي يوٿ منسٽرز ميٽنگ جي صدارت ڪندي دولت م??ترڪه جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي يوٿ پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ وٺندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان تنظيم جي باني م??مبرن مان هڪ جي طور تي دولت م??ترڪه کي عالمي مسئلن ۽ چئيلنجز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم جي طور تي اهميت ڏي ٿو. دولت م??ترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو دورو پاڪستان ۽ دولت م??ترڪه جي وچ ۾ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.
دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو