اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواستن کي رد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم کي اهڙي طرح رد ڪريون ٿا جهڙي طرح اسان 11 ڊسمبر 2023ع جي ان جي حڪم کي رد ڪيو هو. هن چيو ته ٻئي فيصلا ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. ترجمان چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو ختم نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي جيئن ته گڏيل قو??ن جي سلامتي ??ائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قو??ن جي سلامتي ??ائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت کي ڪشمير تڪرار جي ٻين ڌرين يعني ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفي فيصلي ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي ۽ نه ئي ڀارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين ??ان دستبردار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جا فيصلا يا حڪم والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلا?? ورزين تان عالمي برادري جو ڌي??ن هٽائي نه ٿا سگهن. ڀارتي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو پهرين مئي تي ??يو آهي جيڪو 21 مئي 2023ع تي جاري ڪيو ويو.
پاڪستان پاران ڀارتي سپريم ڪورٽ جو ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلو رد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی