اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري چيو آهي ته روس سان توانائي ۽ بارٽر واپار جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون، روس پاڪستان سان واپار جي فروغ لاءِ روسي بئنڪن کي پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي ترغيب ڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آص?? علي زرداري پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ خوريو سان ڳالهائي رهيو هو جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر روس سان ثقافتي شعبي خاص طور تي ٽي وي ۽ فلمز ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفير کي روسي صدر جي لاءِ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد، نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته صدر پيوٽن جي قيادت ۾ روس تيز تر معاشي ترقي ڪندو، عالمي امن کي فروغ ٿيندو. صدر جو ماسڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي ۾ 130 م??صوم جانين جيزيان تي افسوس جو ??ظهار ڪي??. ر??سي سفير چيو ته روس پاڪستن جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو ??واهشمند آهي، ٻئي ملڪ گڏيل معاملن بشمول دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي اسمگلنگ تي تعاون ڪري رهيا آهن، روس پاڪستان سان موجوده واپاري ڪاٿي کي ٻيڻو ڪرڻ چاهي ٿ??. ر??سي سفير ماسڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. روسي سفير صدر آص?? علي زرداري کي پاڪستان جي صدر جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.
روس سان توانائي ۽ بارٽر واپار جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados