اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??وش?? ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي ??وش?? ميڊيا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن ب??طا??وي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زو??ي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. مس زو??ي ويئر مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ٺاهڻ ۽ عطاءُ الله تارڙ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن، ميديا جي شعبن ۾ تعاون جي فر??غ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??وش?? ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي ??وش?? ميڊيا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??وش?? ميڊيا بابت پوري دنيا کي گڏجي ضابطه اخلاق تيار ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊراما جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مس زو??ي ويئر پاڪستان ۽ ب??طا??يا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ