اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم جي لاءِ 25 لک رپي?? جي انعام جو اعلان ڪندي عالمي سطح تي سندس بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم ملاقات ڪئي. وزيراعظم ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ 2023ع ۾ چاندي جو تمغو کٽڻ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ تي ارشد نديم کي ??بارڪباد ڏيندي ا?? جي مستقبل ۾ ڪاميابي?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئي. جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم کي خصوصي طور تي وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو ويو. وزيراعظم شهباز شريف ارشد نديم جي خيريت معلوم ??ئي ۽ ارشد نديم کي ??اڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته توها?? جي ڪاميابي جي لاءِ پوري قوم جون دعائون توهان سان گڏ آهن، اسان کي توهان تي فخر آهي، توهان کي ??ڌيڪ اڳتي وڌڻو آهي، توها?? جي ڪاميابين ۾ توها?? جي ذاتي محنت، والدين جون دعائون ۽ ٽرينرز جو پڻ ڪردار آهي. ارشد نديم وزيراعظم ج?? عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ??بارڪباد ڏني. ارشد نديم وزيراعظم کي ??نهنجي اسپورٽس ڪيريئر جي حوالي کان آگاهه ڪيو. ارشد نديم وزيراعظم کي ??ڌايو ته هن راندي?? جي شروعات 2012ع کان ڪئي ۽ يوٿ فيسٽيول ۾ پهريون ڀيرو مختلف ايونٽس ۾ حصو ورتو، ٻئي يوٿ فيسٽيول ۾ ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آئي، 2015ع ۾ واپڊا جي ٽيم ۾ شامل ٿيس جنهن کانپوءِ قومي سطح تي کيڏڻ جو موقعو مليو، اهڙي طرح يوٿ فيسٽولز منعقد ٿيڻ گهرجن ته جيئنر اندين کي ??روغ ملي. ارشد نديم چيو ته اسڪول جي سطح تي هن راندين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو پر هاڻي ته اسڪولز ۾ راندين جو سلسلو نه ٿي رهيو آهي، اهو سلسلو هاڻي بحال ٿيڻ گهرجي، ڏکڻ آفريقا تربيت جي لاءِ سڃاتو وڃي ٿو، جيڪڏهن ا?? جي ويزا جلد ملي وڃي ته ا?? جي لاءِ آساني ٿي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ارشد نديم جي ويزا جلد جاري ڪرڻ کي ??قيني بڻايو وڃي. ارشد نديم وزيراعظم کي ??ڌايو ته اولمپڪس کان اڳ هڪ ٻن ايونٽس ۾ پاڪستا?? جي نمائندگي ڪندس، ايٿليٽڪس چيمپئن شپ دوران شاندار ٿرو سان پيرس اولمپڪس جي لاءِ ڪواليفائي ڪيو، پنهنجي ملڪ جي لاءِ هر ايونٽ ۾ وڃڻ جي لاءِ تيار آهيان. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم کي ??ڌايو ته اولمپڪس ۾ ارشد نديم جو ايونٽ رات جي وقت هو ۽ پوري قوم سندس ايونٽ ڏٺو ۽ پوري قوم ا?? جي لاءِ دعا ڪري رهي هئي. وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم وزيراعظم هائوس گهرائڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته وزيراعظم سان تمام سٺي ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي راندي?? جي فروغ جي لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، اميد آهي ته انهن تي عملدرآمد ڪيو ويندو، رانديگر?? جي لاءِ ڪئمپس منعقد ٿيڻ گهرجن، راندي?? جي لاءِ ميدان به ضروري آهن، پاڪستان ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي، وزيراعظم راندي?? جي فروغ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي، ان سان پاڪستان ۾ راندين کي ??روغ ملندو. هن چيو ته وزيراعظم منهنجي ڳوٺ ۾ گرائونڊ جي تعمير جي پڻ خاطري ڪرائي آهي، راندي?? جي فروغ سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو.
وزيراعظم پاران جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم جي لاءِ 25 لک رپين جي انعام جو اعلان
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ