اسلام آباد-21 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير ??دد علي سنڌي چيو آهي ته نيوٽيڪ جي دائره ڪار کي صوبن تائين وڌايو وڃي، ان جي دائره ڪار ۾ يوني??رس??ين کي به شامل ڪرڻ داشمندي هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوٽيڪ جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيوٽيڪ جي چيئ??پر??ن گل مينه بلال احمد کان علاوه تعليم واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته بحيثيت وزير طور سندس نيوٽيڪ جو ٻيو اجلاس هو. هن ڪميٽيءَ جي اهميت تي روشني وڌي ۽ ايندڙ حڪومت تي زور ڀريو ته اه?? به ان کي اهميت ڏي. هن چيو ته گذريل اجلاس ۾ هن عورتن جي ڪوٽا ۾ واڌ ڪئي جنهن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي ۽ اڄ هن چيئ??پر??ن کي هدايت ڪئي آهي ته نيوٽيڪ جي سمورن پروگرامن ۾ معذور ۽ کدڙن فقيرن جي ڪوٽا به وڌائي وڃي. هن چيو ته نيوٽيڪ جي دائره ڪار کي صوبن تائين وڌايو وڃي، نيوٽيڪ جي دائره ڪار ۾ يوني??رس??ين کي به شامل ڪرڻ دانشمندي آهي. ??دد علي سنڌي سيڪريٽري تعليم پنجاب ۽ سنڌ جي غير حاضريءَ تي ڳڻ??يء?? جو اظهار ڪيو.
نيو ٽيڪ جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي شامل ڪرڻ دانشمندي هوندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : راکی