اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي اسرائيل پاران سنگين جنگي ڏوهن جي ارتڪاب تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل هڪ اسپتال تي حملو ڪري سڀني عالمي ۽ اسلامي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊا??ٽر عارف علوي غزه ۾ اسپتال تي وحشياڻي اسرائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃ?? جي واقعي جي مذمت ڪئي. صدر جو اسرائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ معصوم جانين جي نقصان تي پنهنجي شديد افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته اسرائيل شهري آبادين ۽ صحت جي سهولتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي برادري اسرائيل کي ا?? جي جنگي ڏوهن تي جوابده بڻائي ۽ اسرائيلي بمباري ۽ غزه جي جاري گهيراءُ کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria