بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا سان خطي جي وسيع ت?? مفاد ۾ غربت جي ??اتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون ج??ري رکڻ، امن ۽ استحڪام ۽ رابطي جي فروغ لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ سريلنڪا غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سريلنڪا جي ??در رانيل وڪرما سنگهي جي ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر رانيل وڪرما سنگهي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ موجود مضبوط لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي ??وام جي پاڻ ۾ هم آهنگي کي خوش آئنده قرار ڏنو. نگران وزيراعظم خطي جي وسيع ت?? مفاد ۾ غربت جي ??اتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون ج??ري رکڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم امن ۽ استحڪام ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا کي درپيش هڪ جهڙن معاشي چئلينجز جي ??والي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن ج?? عملدار ان حوالي سان هڪ ٻئي جي ??جربن مان فائدو کڻندا جنهن ۾ خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري سرفهرست آهي. سريلنڪا جي ??در نگران وزيراعظم جا پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران سريلنڪا جي ??وام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري طور تي اسرائيلي جارحيت جي ??اتمي، غزه ۾ محصور ماڻهن تائين انساني مدد پهچائڻ جي لاءِ لنگهه قائم ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جنهن تحت 1967ع م مقرر ڪيل سرحدن سان ??ڪ فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جو مطالبو ڪيو.
سريلنڪا سان خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ، امن ۽ استحڪام ۽ رابطي جي فروغ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی