اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات وا??ي وزارت پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ايبٽ آباد پريس ڪلب جي صدر راجا هارون ۽ جنرل ??يڪ??يٽري راجا منير جي قيادت ۾ صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وا??و وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي به موجود هو. وفد اطلاعات وا??ي وفاقي وزير کي درپيش مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جو ڳاڻيٽو ملڪ جي اهم ۽ ذميوار پريس ڪلبن ۾ ٿئي ٿو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير ايبٽ آباد پريس ڪل?? ۾ ??وري طور تي ڪمپيوٽر ليب ۽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جي اعلان ڪيل گرانٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وا??ي وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ايبٽ آباد پريس ڪلب جي لاءِ ڪمپيوٽر ليب، اسٽوڊيو قائم ڪرڻ ۽ گرانٽ جي فراهمي جي اعل??ن تي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته ايبٽ آباد جي صحافي برادري محدود وسيلن جي باوجود پنهنجي پيشيواراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. صحافين جي وفد اطلاعات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پارلياماني معاملن وا??ي وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي جا ٿورا مڃيا.
سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری