اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بپر جوائي جو پاڪستاني سامونڊي علائقن تائين جو فاصلو 400 ڪلوميٽ?? تائين رهجي ويو ??هي، سامونڊي علائقن ۾ ڌُنڌ پکڙيل آهي، اڳواٽ وارننگ ۽ آگاهي مهم سان جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن ۾ مڪمل رابطا قائم آهن، صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سمورا ايمرجنسي ادارا ۽ پاڪستان فوج مڪمل تيار آهن. سامونڊي طوفان بپر جوائي جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت اجلاس جو بندوبست ڪيو ويو. اجلاس ۾ موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، وفاقي وزير خرم دستگير خان ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ??ه سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سامونڊي علائقن مان ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪري ره??ا آهيون، سڀاڻي تائين اهڙي صورتحال رهي ته اُڏامن جو شيڊول به متاثر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن طوفان جي شدت ۾ اضافو ٿيو ??ه صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ??ه 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ڪري ره??ا آهن، انهن ماڻهن کي شروعاتي طور تي خوراڪ ۽ ميڊيڪل جي سهولتن جي ضرورت هوندي. هن چيو ??ه سامونڊي طوفان ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي باري ۾ ميڊيا تي هر 2 ڪلاڪن بعد اپ ڊيٽ ڪنداسين. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ??ه سامونڊي علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اهو عمل اڄ رات تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ??ه اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامونڊي علائقن جي ويجهن اسڪولن کي بند ڪيو ويو ??هي. هن چيو ??ه ملاحن کي ان الرٽ کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي، هاڻ به اطلاع آهن ته ڪجهه ملاح سمنڊ ۾ موجود آهن. هن چيو ??ه ڪراچيءَ ۾ 110 ملي ميٽ?? تائين برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته بدين، ٺٽو ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ 300 ملي ميٽ?? تائين بارش جي اڳڪٿي آهي. هن چيو ??ه طوفان جو رُخ في الحال پاسڪتان طرف ناهي پر احتياط ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو ??ه طوفان جو اثر بجلي جي نظام تي به پئجي چڪو آهي، سمنڊ ۾ ايل اين جي جا جهاز في الحال رُڪجي و??ا آهن ۽ بجلي بڻائڻ لاءِ اندروني ذريعن سان ايل اين جي فراهم ڪري ره??ا آهيون. هن چيو ??ه جيڪڏهن ڪنهن وڏي پاور پلانٽ کي خدانخواسته نقصان ٿيو ??ه اڳواٽ متبادل انتظام ڪري ره??ا آهيون، پوري سسٽم جي نگراني ڪري ره??ا آهيون.
سامونڊي طوفان بپر جوائي جو پاڪستاني سامونڊي علائقن تائين جو فاصلو 400 ڪلوميٽر تائين رهجي ويو، سمورا ايمرجنسي ادارا ۽ پاڪستان فوج مڪمل تيار آهن: کنيل قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : بونانزا