اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد پو??يس جي ڪارڪردگي ۽ فرض جي ادائيگي جي لاءِ قربان??ن کي ساراهيندي چيو آهي ته اسلام آباد پو??يس جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ سموريون ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، پو??يس لائينز ۾ اسپتال جي تعمير سان پو??يس جي جوانن ۽ انهن جي خاندانن کي مفت علاج جي سهولت ملندي، شهداءِ ڪاليج جي تعمير سان پو??يس جوانن جي ٻارن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، پو??يس اهلڪارن جي لاءِ لاء اينڊ آرڊر الائونس تي پهرين جولاءِ کان عملدرآمد شروع ٿيندو، ڊولفن پو??يس قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پروگرام جوڙيو ويندو ۽ ترڪيه جي تعاون سان تربيت ڏني ويندي، سفارش، رشوت ۽ برادري ازم سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسان جو معيار قابليت ۽ ميرٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پو??يس لائينز ۾ 100 بسترن جي اسپتال، شهداءِ ماڊل ڪاليج ۽ ايس پي يو اينڊ ڊولفن هيڊڪوارٽرز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد پو??يس گزريل هڪ سال ۾ ڪارڪردگي، ذميواري ۽ فرض جي ادائيگي قوم جي امنگن موجب ادا ڪئي، قوم کي فخر آهي ته انهن عوام جي حفاظت جي لاءِ ڀ??پو?? ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪنهن به خوف کي خاطر ۾ نه آندو، پو??يس جا جوان شهيد ۽ زخمي ٿيا پر پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي جنهن کي ساراهيون ٿا، آٰءِ جي پو??يس بهادر فورس جي سربراهي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 100 بسترن تي ٻڌل نيشنل پو??يس اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، اهڙي طرح جي اسپتال سڄي ملڪ ۾ پو??يس اهلڪارن جي خاندانن جي علاج جي لاءِ ٺهڻ گهرجن، اهي جوان پنهنجي رت سان اسان سڀني جي حفاظت ڪن ٿا، اسان جو فرض آهي ته انهن جي ۽ انهن جي خاندانن جي علاج جي ذميواري پوري ڪريون. هن چيو ته هن اسپتال جي جلد کان جلد تعمير جو خواهشمند آهيان، هن اسپتال جي تعمير سان پو??يس جوانن ۽ انهن جي خاندانن کي مفت علاج جي سهولت ملندي. هن چيو ته قوم کي اميد آهي ته ملڪ خاص طور تي اسلام آباد ۾ چورن، ڦرن ۽ قاتلن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو ۽ ڪنهن به شيءَ جي پرواهه نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پو??يس اهلڪار پنهنجي الله کي راضي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي فرضن جي ادائيگي ڀ??پو?? طريقي سان ادا ڪندا، ڊولفن قائم ڪرڻ جو منصوبو فوري طور تي تيار ڪيو وڃي، اسلام آباد جي ڊولفن فورس ترڪيه جي تعاون سان قائم ڪنداسين، اها ڊولفن فورس پوري ملڪ جي لاءِ ماڊل هوندي، ڊولفن فورس جي جوانن کي تربيت جي لاءِ ترڪيه موڪليو ويندو ۽ ترڪيه جي انسٽرڪٽر کي تربيت جي لاءِ گهرايو ويندو، ان حوالي سان ٺوس پروگرام جوڙيو ويندو، گهرو وزير ان جو فوري طور تي منصوبو تيار ڪري. هن چيو ته شهداءِ ڪاليج جي تعمير سان پو??يس جوانن جي ٻارن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، پو??يس اهلڪارن جي سهولت لاءِ گهرو وزير جا قدم ساراهه جوڳا آهن، شهيدان جي وارثن کي رهتن جي ادائيگي سميت ٻيا قدم اسان جو فرض هو، لاء اينڊ آرڊر الائونس تي پهرين جولاءِ کان عملدرآمد شروع ٿيندو، ان تي ناڻي واري وزير سان ڳالهه ڪندس. هن چيو ته پو??يس جوان مايه ناز قوم جا محافظ آهن، پنهنجي فرض جي ادائيگي ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪندا، ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته اسلام آباد پو??يس جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ سموريون ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مشڪل صورتحال جي باوجود ڀ??پو?? وسيلا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد پو??يس ۾ 2 هزار نوجوانن جي ميرٽ تي ڀرتي خوش آئنده آهي، سمورن شعبن ۾ ميرٽ ۽ قابليت تي ڀرتيون ٿيڻ گهرجي پوءِ ان قوم جو رستو ڪير به نه ٿو روڪي سگهي، سفارس، رسوت ۽ برادري ازم سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسان جو معيار قابليت ۽ ميرٽ آهي، انهي سان قومون ٺهنديون آهن، ان سان پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو ۽ پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهيندو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد پو??يس لائينز ۾ 100 بسترن تي ٻڌل اسپتال، شهداءِ ماڊل ڪاليج ۽ ايس پي يو اينڊ ڊولفن فورس هيڊڪوارٽرز جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پو??يس لائينز ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي. آءِ جي اسلام آباد پو??يس ناصر اڪبر دراني وزيراعظم کي پو??يس شهداءِ ۽ انهن جي قربانين بابت آگ??هه ڪيو. وزيراعظم گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. وزيراعظم کي پو??يس جي دستي سلامي ڏني. تقريب کي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ آءِ جي اسلام آباد ناصر اڪبر دراني پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.
اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ سموريون ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ