اسلام آباد – 28 211; ??پريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني ??قن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو علائقي ۾ انساني ??قن جي انهن سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجم??ن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارتي قابض عملدارن ڪشميرين کي مسلسل چوٿين سال سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۾ عيد نماز جي اجتماع ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو، ان ک??ن اڳ قابض عملدارن رمضان جي مقدس مهيني ۾ پڻ مذهبي آزادي تي پ??بن??يون هنيون هيون. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پ??بن??ين کي ختم ڪن جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ??ان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته گذريل هفتي نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين دوران 40 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ عورتون به شامل آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي عملدارن آزادي جي حامي ٻن ڪشميرين سيد شڪيل يوسف ۽ سيد شاهد يوسف جون ملڪيتون به ضبط ڪري ڇڏيون آهن جيڪي هن وقت غيرقانوني ??راست ۾ آهن. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني ??ور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي بڊگام علائقي ۾ هڪ ٻئي حراست هيٺ ۽ ناليواري انساني ??قن جي ڪارڪن خرم پرويز جي اين جي او جي آفيس تي ڇاپو هنيو ويو. هن چيو ته اسان کي اهڙي طرح جي ڪاررواين تي سخت ڳڻتي آهي، اهي ڪارروايون والاريل علائقي ۾ بنيادي آزادين کي دٻائڻ ۽ مقامي آبادي کي دهشت زده ڪرڻ جي مسلسل ڀارتي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿي. ترجم??ن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني ??قن جي انهن سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو ۽ هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج