اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل ??رب امارات (يو اي اي) جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل ??رب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل ??رب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام گ??يل ??رب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. اها ڳالهه هن گڏيل ??رب امارات جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران يو اي اي جي سفير کي خيرسگالي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو آهن، يو اي اي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي جنهن جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي غيرملڪي سيڙپڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل ??رب امارات جي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ د??اڳو آهيون. تقريب ۾ گڏيل ??رب امارات جو قومي ترانو ۽ روايتي رقص پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته پارليامينٽ ميمبر، سياسي اڳواڻن سميت م??تلف ملڪن جا سفارتڪار به ان موقعي تي موجود هئا. يو اي اي جي سفير پاڪستان ۽ گڏيل ??رب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران يو اي اي جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق