اسلام آ??اد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ??صر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ وسيع تر عوامي اداراجاتي رابطن جي فروغ تمام اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه ??صر جي سفير طارق محمد دهروج سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ??صر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ??صر ۾ ايندڙ مهيني ڪوپ – 27 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??صر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ??صر جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو. وزيراعظم ??صر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪانفرنس جي ميزباني تي ??صر جي حڪومت کي مبارڪ??اد ڏني ۽ چيو ته هو ماحولياتي تبديلي ۽ ڪمزور طبقن بابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت سميت فعال شرڪت جو منتظر آهي. پاڪستان ڪوپ – 27 ڪانفرنس ۾ گروپ 77 ۽ چين جي نمائندگي به ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ??صر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي قيادت، عوام سان عوام ۽ اداراجاتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ ??صر جي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ نقطه نظر تي ??ڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا ??هن. ٻئي ملڪ ٻطرفن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون ڪن ٿا.
پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں