سکر-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کي پاڪستان جي ??شڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ يقين ڏياري?? آهي، ته هو گڏيل قومن جا سمورا اختيار استعمال ڪري پاڪستان جي ??ر ممڪن مدد ڪندو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش وزيراعظم شھباز شريف ۽ پرڏيھي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ سان خصوصي اڏام وسيلي سکر ايئرپورٽ پھتو. جتي سنڌ جي ??زيراعلي’ سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين سندن استقبال ڪيو. استقبال بعد سکر ايئرپورٽ جي ??ي آءِ پي لائونج ۾ سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ بابت بريفنگ ڏني، ان مو??عي تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي انتهائي افسوس آهي، اسان کي ٻوڏ جي صورتحال جو احساس آهي، ماحولياتي آلودگي کي گھٽ ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي دنيا لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، جنهن سان هن وقت پاڪستان وڙهي رهي?? آهي. اسان کي مستقبل ۾ اهڙن چئلينجن جو به مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گھرجي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جاني ۽ مالي نقصان کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. هن چيو ته اسان پاڪستان کي هن ڏکي وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگھون، عالمي برادري هن وقت پاڪستان جي ??دد لاءِ اڳتي اچي. پاڪستان هن وقت دنيا جي انهن ملڪن ۾ فرنٽ لائين تي شامل آهي، جنهن کي موسمياتي تبديلي منهن ڏيڻو پئجي رهي?? آهي. ان مو??عي تي سنڌ جي ??ڏي وزير بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال سنڌ ۾ 1185 ملي مليٽر برسات پئي آهي. رڳو سنڌ ۾ برسات ۽ ان جي ??وڏ سبب 537 ماڻهو فوت ٿيا آهن. 2010ع واري ٻوڏ ۾ سنڌ جا 6 ضلعا متاثر ٿيا هئا. هن ڀيري سنڌ جا 24 ضلعا شديد متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن. لکين گھر ڊهي پيا آهن. مواصلاتي نظام، زراعت، لائيو اسٽاڪ، صحت، تعليم جي شعبي کي لکن جو نقصان پهت?? آهي. روڊ، ريلوي ٽريڪ اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن. هن وقت به اسان کي 30 لک خيمن ۽ مڇر دانين جي ضرورت آهي. متاثر علائقن ۾ جانورن لاءِ خوراڪ جي کوٽ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سنڌ ۾ روڊن جي بحالي لاءِ شروعاتي طور اربين روپين جي ضرورت آهي. اسڪولن، اسپتالن جي بحالي لاءِ 5 ارب روپين جي ضرورت آهي. متاثرن جي بحالي تمام وڏو چئلينج بڻيل آهي. رڳو ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 10 ارب روپين جي ضرورت آهي. هن وقت متاثر ماڻهن جي ??دد لاءِ عالمي برادري تعاون ڪري. بريفنگ ۾ شرڪت کانپوءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري سنڌ ۽ بلوچستان جي ??وڏ متاثر علائقن جو دوروڪر لاءِ وزيراعظم ۽ ٻين سان گڏي ھيلي ڪاپٽر ۾ روانو ٿي ويو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کي پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania