اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان يو??پي يونين جي ميمبر ملڪن سان پنهنجي تاريخي ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ يو??پي يونين جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا جي ضرورت آهي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ يو??پي يونين جي نئين مقرر ٿيندڙ سفير ڊاڪٽر رينا ڪونيڪا وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم يو??پي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ۽ يو??پي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرلين سان پنهنجي تازي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته يو??پي يونين جي پارلياماني وفدن جو پاڪستان جي ايندڙ دورن سان گڏوگڏ اڳئين يو??پي يونين پاڪستان تعزويراتي ڳالهه ٻولهه جي منصوبي تحت سياسي ۽ سيڪيورٽي ڊائيلاگ سان ٻنهي ڌرين جي دوران وڌيڪ ٺوس تعاون جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ يو??پي يونين جي وچ ۾ گڏيل فائديمند واپاري لاڳاپن ۾ ا??افي جو ڪريڊٽ موجوده جي ايس پي پلس اسڪيم ڏانهن وڃي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان 2023ع کانپوءِ به ان انتظام جو حصو رهندو. وزيراعظم وڌندڙ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ??سل??ل اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي به زور ڏنو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ يو??پي يونين جي لاڳاپن جي 60 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم ان سنگ ميل کي ٻنهي طرفن کان مناسب طريقي سان ملهائڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان اهم آهي. پاڪستان گذريل سال آگسٽ جي اڳڀرائي کانپوءِ افغانستان جي حوالي سان عالمي برادري کي بي مثال تعاون فراهم ڪيو آهي. ڊاڪٽر رينا ڪونيڪا وزيراعظم پاران آجيان تي ٿورا مڃيندي چيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي مقرري دوران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.
پاڪستان يورپي يونين جي ميمبر ملڪن سان پنهنجي تاريخي ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج