اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع مهذب دنيا جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت عالمي قانونن، اخلاقيات کي پيرن هيٺان لتاڙيو هو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سڀئي بنيادي انساني حق معطل ۽ ڪشميرين جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي حقن تي بدترين پابندي لڳل آهي. مهرين رزاق ڀٽو چيو ته ڀارتي فورسز ڪشمير?? عورتن سان جنسي زيادتين کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي. ڪشميري عالمي دنيا، انساني حقن جي عالمي ادارن جي ڌيان جا منتظر آهن. ڪشمير جو مس??لو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. ڪشمير مس??لي جو پرامن حل خطي جي مس????ل امن جو ضامن آهي، گڏيل ق??مون ڪشمير مس??لي بابت پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائين.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر