اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي سٽي ڊسٽرڪٽ گور??مي??ٽ ملتان جي فائر مين جي بيواهه کي منافعي سان گڏ گروپ ??نشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو آهي ته ملازم ج??ن 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بيواهه کي انشورن?? جي انتظار ۾ 6 سال ٿي ويا رقم ناهي ملي، تڪليف ۽ اذيت کانسواءِ وقت سان گڏ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي ويندي، صدر وفاقي محتسب جو ف??صل?? برقرار رکندي حڪم ڏنو آهي ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان بيواهه کي منافعي سان گڏ انشورن?? جي رقم ادا ڪري، صدر وفاقي محتسب جي ف??صل?? خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر چيو ته 12 مارچ 2008ع تي لوڪل گور??مي??ٽ ۽ اسٽيٽ لائيف جي وچ ۾ گروپ ??نشورنس جو معاهدو ٿيو هو، پنجاب حڪومت جو 60 سال کان گهٽ عمر هر ملازم پريميم جي ادائيگي سان مشروط بيمه شده آهي، فوتي فائر مين سروس دوران پنهنجي بينادي پي اسڪل موجب مهينو پريميم به ادا ڪيو، بيواهه جي دعويٰ جي حق ۾ سڀئي گهربل دستاويز به موجود آهن، جڏهن ته وفاقي محتسب جي ف??صل?? خلاف ف??صل?? لاءِ ڪو ٺوس سبب موجود نه آهي، شڪايت ڪندڙ کي گروپ ??نشورنس معاهدي موجب انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ انشورنس ڪمپني جي ذميداري آهي.
صدر پاران هڪ بيواهه کي منافعي سان گڏ گروپ انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : apostas quina