اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ب?? اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين، بل گيٽس خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي پهرين دوري جي والهاڻي استقبال تي صدر جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته منهنجي لاءِ ”هلال پاڪستان“ حاصل ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ب??ان موجب بل گيٽس پنهنجي خط ۾ پاڪستان جي هر ٻار جي صحت ۽ بهبود جي ت??فظ لاءِ صدر جي عزم کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي ايندڙ نسلن لاءِ پوليو کان پاڪ مستقبل يقيني بڻائڻ جو ڪم واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان پوليو وائرس جي خلاف جنگ ۾ قابل ذڪر اڳڀرائي ڪئي آهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصي ۾ پاڪستان ۾ ڪو به نئون ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، پوليو تي پاڪستان جي مسلسل ڪوشش ملڪ جي ت??قي کي تيز ڪرڻ لاء?? مددگار ثابت ٿيندي. بل گيٽس چيو ته ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ جهڙن موضوعن تي ڳالهه ڪري خوشي ٿي. خانداني منصوبابندي جي خدمتن تائين پهچ، احساس سماجي ت??فظ جي پروگرام کي موثر بنائڻ تي ڳالهه ٿي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گڏيل دلچسپي جي ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاڪستان سان حصيدار جو منتطر آهيان.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بل گيٽس جو خط، پاڪستان جي دوري دوران والهاڻي استقبال تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha