اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته نوجوان خاص طور تي ٻارن کي آن لائين دستياب غير اخلاقي مواد کان بچائڻ جي ضرورت آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ نئين نسل جي ڪردارسازي گهڻي اهم آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ فحش ويب سائيٽس کي بلا?? ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ نئين نسل جي ڪردارسازي گهڻي اهم آهي، جديد ٽيڪنالاجي جا اوزار ۽ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ جي پکيڙ ماڻهن جي هر قسم جي مواد تائين پهچ ممڪن بڻ??ئي ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوانن خاص طور تي ٻارن کي آن لائن دستياب غير اخلاقي مواد کان بچائڻ جي ضرورت آهي، وزير??عظ?? لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو آن لائين مواد جي موثر گيٽ ڪيپنگ کي يقيني بڻ??ئين ته جيئن معصوم دماغن کي آن لائين غير اخلاقي ۽ فحش مواد جي اثرن کان بچائي سگهجي. ان کان اڳ وزير??عظ?? کي آگاهه ڪيو ويو هو ته مواد جي پهچ جي نيٽ ورڪ (سي ڊي ??ين) خاص طور تي ڪلائوڊ فيئر، انٽرنيٽ ٽريفڪ جا ڪل شيئر جو 1- 2 سيڪڙو رکن ٿا، انهن کي فحش مواد پيش ڪرڻ جون شڪايتون آهن، ٻيا سي ڊي ??ين پنهنجي پاليسين موجب فحش مواد پيش ناهن ڪندا. وزير??عظ?? کي اهو به ٻڌايو ويو ته پي ٽي اي کي آئي ايس پيز/سي ڊي ??ينز سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سي ڊي ??ين، خاص طور تي ڪلائوڊ فيئر جي ذريعي فحش مواد کي روڪي سگهجي. پي ٽي اي کي پنهنجي ويئر هائوس مينيجمينٽ سسٽم (ڊبليو ايم ايس) جي صلاحيت وڌائڻ جي به ضرورت آهي ته جيئن فحش ويب سائيٽس جي ڪجهه عالمي ۽ باقاعدگي سان اپ ڊيٽ ٿيل ڊيٽا بيس سان انضمام ڪري کين يو آر ايل ۽ ڊومين جي سطح تي بلا?? ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي اي ان منصوبي جي فزيبلٽي پر ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جو لاڳو ٻن مهينن جي مدي ۾ ممڪن ٿي سگهندو. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، نيا ٽيل جو چيئرمين راشد خان ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
نوجوان خاص طور تي ٻارن کي آن لائين دستياب غير اخلاقي مواد کان بچائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی