اسلام آباد – 14 – سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نجڪاري واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته هو شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضوري قدم کڻندي جناح ڪنوينشن سي??ٽر سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل کي مڪمل ڪري. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو ملاقات ڪئي، وزيراعظم کي نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني لميٽيڊ، جناح ڪنوينشن سي??ٽر ۽ س??وس?? انٽرنيشنل هوٽل لاهور جي نجڪاري جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ جاري روڊ شوز ( 13 – 21 سي??ٽمبر) جي حوصلي واري نتيجن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي نجڪاري جي عمل کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران نجڪاري واري وفاقي وزير کي جناح ڪنوينشن سينٽر سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار