اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڪمائي بچائڻ چ??هي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل سينيٽ چونڊ?? ۾ ??وٽ جي خريد ۽ وڪري جي وڊيو تي پنهنجي بيا?? ۾ ??ن چيو ته وڊيوز ۾ نمايان اُهو شرمناڪ طريقو جنهن کي سياستد??ن سينيٽ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ استعمال ڪن ٿا، هڪ ٻئي پٺيان مڙهيل حڪمران اشرافيه جنهن قوم کي قرض ۾ ٻوڙيو، جي هٿان قومي اخلاقيات جي مڪمل تب??هي جي عڪاسي آهي. ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو اهو دور اسان جي سياسي اشرافيه جو هڪ ڪڌو داستان آهي. وزيراعظم چيو ته هي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پئسو استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اقتدار جي استحڪام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ميڊيا سميت ٻين فيصلاسازن جي خريداري جي ڏس ۾ مال ٺاهڻ ۽ قوم کي ڦري پرڏيهي کاتا ڀرڻ/ اثاثا ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن جي خريداري جي لاءِ مني لانڊرنگ جي لاءِ پنهنجي سياسي قوت استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو هاڻي بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي اهو ئي سڀ ڪجهه ته بچائڻ چ??هي ٿو. عمران خان چيو ته اسان قوم جي ڪمزوري بڻجندڙ بدعنواني ۽ مني لانڊرنگ جي ??ن سلسلي جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.
پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڪمائي بچائڻ چاهي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania