اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پي ٽي ??ي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪي?? آهي، اسان سڀني قومي ادارن کي سڌا??ن جي ذريعي ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي ??ي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئي، ٽي ??ي چئنلن جي مالڪن سان طئي ٿيل فارمولي تحت انهن جي رهتن جي باقي رقم به ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران چوڌري محمد برجيس طاهر جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي حوالي سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي دور جي ٻن سالن جي بلن بابت مالڪن سان ڳالهيون ٿيون ??هن?? اسان آخري ٻن سالن جي بلن جي ادائيگي جو فيصلو ڪي??، ڪل رقم هڪ ارب 15 ڪروڙ روپيا بڻجندي هئي جنهن مان اڌ ادا ڪئي وئي ۽ بقايا رقم ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي، هن چيو ته علائقائي اخبارن کي اشتها??ن جي فراهمي جي حوالي سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.
ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino