اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان ڪرونا سبب متاثر مريضن، اسپتالن ۾ سهولتن، ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ وينٽي ليٽرز جي دستيابي سميت لاڳاپيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عم?? منظم ڪيو وڃي، عوام کي هر رخ کان مڪمل باخبر رکيو وڃي، رليف جي فراهمي مڪمل ميرٽ تي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪرونا ??ائرس جي روڪٿام، تشخيص لاءِ سهولتن، موجوده صورتحال ۾ صنعتي عمل جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن، حڪومت پاران اقتصادي پيڪيج، بنيادي ض??ري شين جي گهرج ۽ پ??چ ، ايگريڪلچر جي شعبي جي حوالي سان قدمن ۽ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔