اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته صحافين جي معصوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي سان عالمي برادري جو ضمير جنجهوڙڻ ۾ مدد ملندي، مودي کي خبردا?? ڪريون ٿا ته تنهنجي ڪوڙي بيانيي جي هڪ به نه هلڻ ڏينداسين، والاريل واديءَ ۾ ڪشميري مسلمانن کان مذ??بي آزادي تائين کسي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس آڏو صحافتي تنظيمن جي والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نڪتل ريلي کي خطاب ڪ??دي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔