اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ??ميٽي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت جي جارحاڻن قدمن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي سفارتي، اخلاقي ۽ سي??سي ??مايت جاري رکندو جيڪا گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق ۽ انصاف جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڄمون ۽ ڪشمير پراڻو حل طلب عالمي تڪرار آهي جيڪو پرامن حل جو گهرجائو آهي، پاڪستان ڀارت جي ڪنهن به مهم جوئي ۽ جارحيت جي خلاف پنهنجي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي، قوم جي مڪمل حمايت سان ڀارت جي ڪنهن به جارحيت ۽ مهم جوئي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ??ميٽي جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی