لنڊن – 29 آڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي ادارن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو ٽڪراءُ نه آهي، سازشي نظرين تي يقين نه ٿو رکان ۽ ن?? ئي ملڪ ۾ اهڙي قسم جي ڪا گنجائش آهي. هيٿرو ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو تاثر رڳو اخ??ارن ۽ ٽي وي چينلز تي ئي نظر اچي ٿو. هن چيو ته سياسي ۽ فوجي قيادت آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري ريڪس ٽلرسن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي ملاقات ۾ گڏ ويٺل هئي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا قومي ترقي ۾ مجموعي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ه?? ميڊيا کي ٻڌايو ته هي سندس ن??ي دورو آهي ۽ ان تي قومي ناڻي جو ڪو به پئسو خرچ نه ٿيندو. هن چيو ته هو سومر جي رات پاڪستان واپس پهچي ويندو.
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس