مڪي شريف-05 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پهرين محرم 1446 هجري تي ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جون س??ور??ون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. عالمي خابرو اداري ( اردُو نيوز) موجب ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جو ڪم 159 فني ماهرن ۽ ڪاريگر?? ذريعي ٿيندو آهي. هر سال ڪعبي شريف جي پراڻي غلاف کي سونهري ڪڙن سان ٻڌو ويندو آهي. انهن مان ڪڍي ڪري ان جي جائي تي نئين غلاف کي مڪمل طور تي ڪعبي شريف تي لڳائڻ جي عمل ۾ ٽي کان 4 ڪلاڪ لڳن ٿا . ڪنگ عبدالعزيز ڪسوه ڪمپليڪس ۾ خانه ڪعبه جي غلاف جي تياري تي 200کان به وڌيڪ ماڻهون ڪم ڪن ٿا. اهي سمورا ماڻهون غلاف جي تياري جي مختلف مرحلن ۾ حصو وٺن ٿا .غلاف جي تياري لاءِ هڪ هزار ڪلوگرام ڪچو ريشم استعمال ٿي??دي آهي جنهن کي ڪمپليڪس جي اندر ڪارو رنگ ڏنو ويندوآهي. ڪپڙي جي تياري جي حوالي سان ڪمپليڪس ۾ جديد ترين مشينون موجود آهن. مشينون قرآني آيتن جو ڀرت تيار ڪرڻ ۽ دعائن لاءِ ڪارو ريشم تيار ڪن ٿيون. سادو ريشم به تيار ڪيو ويندو آهي. ان تي آيتون پرنٽ ڪيون وينديون آهن اهڙي طرح سون ۽ چا??دي جي ڌاڳن سان ڀرت پڻ ڀريو ويندو آهي. ڪعبي شريف جي غلاف لاءِ 120 ڪلو گرام سون ۽ 100 ڪلو گرام چا??دي جو ڌاڳو استعمال ٿيندو آهي. غلاف جي تياري جي هر عمل ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جي پنجن ڀرپور طريقي سان ٿي??دي آهي مواد جي جاچ لاءِ ليبارٽري به موجود آهي.
پهرين محرم تي ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria