ابوظهبي -18 مارچ (اي پي پي)گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير پنهنجي ويزا ڇوٽ پاليسي تحت 87 ملڪن کي اڳواٽ ويزا جي ڇوٽ واري فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو مقصد سياحن لاءِ سفر کي آسان بڻائڻ آهي. گ??ف نيوز مطابق گڏيل عرب امارتن جي ڊجيٽل حڪومت واضح ڪيو ته جي سي سي جي شهرين کي ملڪ جو دورو ڪرڻ لاءِ ويزا يا اسپانسرشپ جي ضرورت ناهي. هو يو اي اي جي داخلي بندرگاهن تي پهچڻ تي جي سي سي ريا??ت طرفان جاري ڪيل پاسپورٽ يا سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري داخل ٿي سگهن ٿا. انهن سمورن 87 ملڪن جا شهري هاڻي امارت پهچي موقعي تي ويزا حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ کين اڳواٽ ويزا حاصل ڪرڻ واري شرط پوري ڪرڻ لازمي نه هوندو.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado